اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري جي لاءِ اسلام آباد کان جده روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 5 ۽ 6 جون تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ عيدالاضحيٰ سعودي عرب ۾ گذاريندو. عيدالاضحيٰ جي ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز سان عيد ملندو ۽ انهن جي وچ ۾ خصوصي ملاقات ٿيندي. بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، مسلمان امت جي ڀلائي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي سميت اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف تازي پاڪ ڀارت تڪرار کي گهٽ ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا پڻ ادا ڪندو. هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ وزيراعظم سان گڏ سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي.