اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڏکڻ ڪوريا جي نئين چونڊيل صدر کي مبارڪباد ڏيندي علائقائي ۽ عالمي امن جي فروغ جي لاءِ ڏکڻ ڪوريا سان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر لي جيائي ميونگ کي جمهوريه ڪوريا جي صدر جي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي خوشحالي جي گڏيل مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ ڪوريا سان حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.