اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ ڪوريا جي نئين چونڊيل صدر جي ميونگ کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم نئين چونڊيل ڏکڻ ڪورين صدر جي لاءِ سندس صدارت جي عهدي جي ڪامياب تڪميل جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي لاڳاپن جي مضبوطي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.