اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ سيڪيورٽي آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 14 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته انسانيت جي دشمن دهشتگردن جا ڪڌا ارادا خاڪ ۾ ملائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت سان اسان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن چيو ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.