اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پولينڊ جي نئين چونڊيل صدر ڪارول ناروڪي کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم نئين چونڊيل پولش صدر ڪارول ناروڪي کي مبارڪباد ڏيندي ان خواهش جو اظهار ڪيو ته هو پنهنجي ملڪ جو مستقبل روشن بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿئي. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ۽ پولينڊ جا لاڳاپا مستحڪم بڻائڻ ۾ نئين چونڊيل صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.