اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيش ليس اڪانومي ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، وزيراعظم جي صدارت ۾ قائم ڪميٽي ان حوالي سان قدمن جو هفتيوار جائزو وٺندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غيررسمي معيشت جي خاتمي، شفافيت جي فروغ ۽ ڪيش ليس ۽ ڊيجيٽل اڪانومي جي حوالي سان قدمن تي جائزه اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، محمد اورنگزيب، شزه فاطمه خواجه، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪيش ليس اڪانومي ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل ادائيگين ۽ رقم جي منتقلي جي لاءِ واپارين کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ۽ عوامي سطح تي ان جي فروغ جي لاءِ قدم تيزي سان جاري آهن. اجلاس کي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جي ان حوالي سان قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ڪيش ليس اڪانومي جي فروغ ۽ ڊيجيٽائيزيشن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جنهن جي صدارت وزيراعظم پاڻ ڪندو. وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪميٽي هفتيوار اجلاس ۾ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ ڪيش ليس اڪانومي جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن جو جائزو وٺندي. وزيراعظم چيو ته معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن حڪومت جي سڌارن جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وفاقي بجيٽ ۾ ڪيش ليس اڪانومي جي فروغ جي لاءِ قدم تجويز ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته غيررسمي معيشت جي خاتمي ۽ شفافيت جي لاءِ ڪيش ليس خريداري ۽ رقم جي منتقلي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، رمضان المبارڪ ۾ شفاف، موثر ۽ بهترين طور تي حقدارن کي ڊيجيٽل والٽ ذريعي رقم جي منتقلي يقيني بڻائي وئي. وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽل والٽ ذريعي جي رقم جي منتقلي سان حقدارن کي انهن جو حق مليو ۽ بنا ڪنهن انساني مداخلت جي شفاف طريقي سان امدادي رقم ورهائي وئي، معيشت جي بهتري جي ڪري مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ۾ تيزي سيڙپڪارن جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي ٽيم جي محنت جا ثمر اچي رهيا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاليسي قدمن سان ڊيجيٽل ادائيگين ۽ رقم جي ڊيجيٽل منتقلي جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي.