اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته خدمتن تي ڊيجيٽل سيلز ٽيڪس صوبن جو اختيار هوندو، سولر پينلز تي ٽيڪس جي شرح کي هاڻي 18 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 10 سيڪڙو ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته اتحادي پارٽين ۽ ٻين لاڳاپيل حصيدارن سان مشاورت کانپوءِ ڪجهه مسئلن کي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان ڪجهه شين تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ ڊيجيٽل ٽيڪس جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو ويو ته خدمتن تي ڊيجيٽل ٽيڪس صوبن جو اختيار آهي، ڪالهه ان حوالي سان سمورن حصيدار ۽ ايف بي آر سان تفصيلي مشاورت ٿي آهي، خدمتن تي ڊيجيٽل سيلز ٽيڪس صوبن جو اختيار هوندو ۽ ناڻي واري وزير جي بجيٽ تي بحث کي سهيڙڻ جي تقرير ۾ ان جي وضاحت اچي ويندي. نائب وزيراعظم چيو ته ٻيو وڌيڪ بحث سولر پينلز تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي تجويز تي ٿيو آهي، سولر تي ٽيڪس جي تجويز جو جائزو ورتو ويو، سولرائيزيشن ۾ انورٽرز ۽ ٻين شين جو 54 سيڪڙو حصو اڳ کان معمول جي ٽيڪس نظام ۾ شامل آهي، 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي تجويز باقي 46 سيڪڙو حصي سان لاڳاپيل آهي، گڏيل مشاورت کانپوءِ سولر پينلز تي ٽيڪس جي شرح کي هاڻي 18 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 10 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. هن چيو ته ٽيڪس تجويزون اوڳاڙين جا قدم هوندا آهن، جڏهن هڪ شعبي ۾ اسان روينيو قدمن کي محدود ڪريون ٿا ته ان جو ازالو به ڪرڻو هوندو آهي، ڪابينا جڏهن ملازمن جي پگهارن ۾ 6 سيڪڙو اضافي کي ناڪافي قرار ڏنو ۽ ان کي 10 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي منظوري ڏني ته اضافي خرچن يا لاڳت جو به انتظام ڪرڻو هوندو آهي. هن چيو ته اسان کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، اسان مفاهمت تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته ٽيون اهم ايشو پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ بابت هو، اسان اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو آهي ته پي ايس ڊي پي ۾ ايڇ اي سي جي حوالي سان سنڌ ۾ يونيورسٽي جي لاءِ فنڊز جو ڪاٿو 4.7 ارب رپين جي سطح تي برقرار رکيو ويندو. هن چيو ته پي ڊبليو ڊي جي حوالي سان قومي اسيمبلي ميمبرن جو موقف جائز هو، اسان وزيراعظم سان به مشاورت ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ان حوالي سان خدشا جائز آهن، پي ڊبليو ڊي بند ٿيڻ کانپوءِ سمورن صوبن ۾ پي آءِ ڊي سي ايل جا منصوبا منتقل ٿيندا جيڪي منصوبا سنڌ ۾ جاري آهن اهي جاري رهندا. هن چيو ته جائز مسئلن ۽ خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون.