اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ۽ خطي ۽ عالمي امن جي لاءِ تمام گهڻي خطرناڪ آهي، پاڪستان ايران تي اسرائيلي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي، عالمي برادري ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي جي لاءِ فوري ڪردار ادا ڪري، ڀارت سان جنگ ۾ الله تعاليٰ اسان کي عظيم فتح ڏني، بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ پاڪستان جو موقف ڀرپور طريقي سان پيش ڪيو آهي، سيڪيورٽي ادارن جون ضرورتون پوريون ڪنداسين، بجيٽ ۾ پي ايس ڊي پي جي لاءِ هڪ هزار ارب رپيا رکيا ويا آهن، پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، آءِ ايم ايف کي اسان ٻڌائي ڇڏيو هو ته زراعت تي ڪو ٽيڪس لڳڻ نه ڏينداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ جي ڪري صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ۽ افسوسناڪ آهي، اسرائيل اسان جي پاڙيسري ڀائر ملڪ ايران جي خلاف کلي جارحيت ڪئي آهي جنهن ۾ سوين ماڻهو شهيد ۽ سوين زخمي ٿي چڪا آهن، مون، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي آفيس ان جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي، عالمي برادري کي جنگبندي جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته منهنجي ان حوالي سان ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان سان پڻ ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان پڻ مون ڳالهه ڪئي، ايران جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ مون پاڪستان جي عوام پاران ايران سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو، الله ڪري اتي جلد کان جلد امن قائم ٿئي ڇو ته اها جنگ نه رڳو خطي پر عالمي امن جي لاءِ پڻ تمام گهڻي خطرناڪ آهي. وزيراعظم چيو ته غزه جي صورتحال به انتهائي ڳڻتي جوڳي ۽ افسوسناڪ آهي، 50 هزار کان وڌيڪ ٻار، بزرگ، عورتون، نوجوان، ڊاڪٽرز ۽ انجنيئرز شهيد ٿي چڪا آهن، غزه ۾ ظلم ۽ ڏاڍ ٿي رهيو آهي، عالمي ضمير ڪڏهن جاڳندو. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير 22 ۽ 22 تاريخ تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪيه وڃي رهيو آهي، ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان پڻ منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، سندس ڪوششون ۽ سندس موقف پڻ وڏو واضح آهي. وفاقي بجيٽ جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته وفاقي بجيٽ پيش ٿي چڪي آهي، ناڻي واري وزير، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ سندس ٽيم ڀرپور محنت ڪئي، اتحادي پارٽين کي به بجيٽ تي اعتماد ۾ ورتو ويو، هن وقت پارليامينٽ ۾ بجيٽ تي بحث جاري آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف کي اسان ٻڌائي ڇڏيو هو ته زراعت تي ڪو ٽيڪس نه لڳندو، نه ڀاڻ تي ۽ نه ئي جيت مار دوائن تي ٽيڪس لڳندو، آءِ ايم ايف اسان جي ان ڳالهه کي تسليم ڪري ورتو جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون، زراعت جو شعبو اڳ ۾ ئي دٻاءُ جو شڪار آهي، ان جي ترقي جي لاءِ اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو هو، 6 کان 12 لک آمدني تي رڳو هڪ سيڪڙو ٽيڪس لڳندو جيڪو گذريل سال 5 سيڪڙو هو، بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت سان جنگ ۾ الله تعاليٰ اسان کي عظيم فتح ڏني آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم، پاڪ فوج جي شاندار ڪارڪردگي ۽ 24 ڪروڙ عوام جي والهاڻي محبت ۽ حمايت سان اسان ان جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، دهشتگردي جي خلاف به جنگ جي لاءِ پرعزم آهيون، ان جي لاءِ پاڪ فوج کي ضروري ساز و سامان جي فراهمي جي لاءِ مالياتي گنجائش کي بجيٽ ۾ وڌايو ويو آهي ڇو ته اها وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پي ايس ڊي پي جو ڪاٿو به هڪ هزار ارب رپيا رکيو ويو آهي، اسان چئلينجز جي باوجود هڪ معاهدو ڪيو آهي ان کي پورو ڪرڻو آهي، اسان انهن مان نه آهيون جيڪي واعده خلافي ڪري ملڪ جي معيشت کي ڏيوالپڻو جي ويجهو وٺي ويا هئا، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته اسان 2023ع ۾ نه رڳو ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو پر اڄ ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ وفد بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ ملڪ جو موقف پيش ڪرڻ جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ ويو هو، وفد مختلف ملڪن ۾ وڃي پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي، آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ملڪن جو دورو ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفد جي سمورن ميمبرن جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا ته انهن ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي.