اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري اڳوڻي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ هڪ اعليٰ سطحي پارلياماني وفد نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪواٽرز جو دورو مڪمل ڪري ورتو. وفد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدرن، سلامتي ڪائونسل جي مستقل ۽ غير مستقل ميمبرن جي نمائندن، او آءِ سي گروپ جي سفيرن، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي نمائندن ۽ پاڪستاني برادري سان ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان گذريل ڏينهن جاري بيان موجب اهو دورو ڀارت جي غير جانبداراڻي رويي، پاڪستان خلاف بنا جواز اڳرائي، جارحاڻي بيان بازي ۽ پاڻي بابت سنڌ طاس معاهدي جيڪو 240 ملين کان وڌيڪ پاڪستانين لاءِ لائيف لائين آهي، کي روڪڻ جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي فيصلي سان پيدا ٿيل وڌندڙ علائقائي ڇڪتاڻ ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرن بابت پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عالمي پهچ جو حصو هو. وفد وٽ پاڪستان جو بينادي پيغام ”ذميواري سان امن“ هو. وفد ڀارت طرفان طاقت جي غير قانوني استعمال ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙين خاص طور تي شهري علائقن کي نشانو بڻائڻ ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت معصوم شهرين جي قتل ڏانهن ڌيان ڇڪرايو. وفد ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ 22 اپريل کان دهشتگرداڻي حملي جي حوالي سان ڀارت جي بنا ڪنهن ثبوت جي بي بنياد الزامن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ عالمي قانون ۽ معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور روڪڻ ذريعي ڀارت جي پاڻي کي هٿيار بڻائڻ خلاف خبردار ڪيو. بيان موجب هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وفد دهشتگردي جي روڪٿام جي عالمي ڪوششن جي ڪاميابي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار ۽ قربانين تي روشني وڌي ۽ عالمي برادري جو ڌيان پاڪستان ۾ ڀارت جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۽ ان جي عالمي قتل عام جي مهم طرف ڇڪرايو. وفد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دهشتگردي جي لعنت کي اثرائتي طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ سياست جي نه پر تعاون جي ضرورت آهي. وفد ڀارتي جارحيت ۽ چڙ ڏيارڻ وارن بيانن جي جواب ۾ پاڪستان جي ذميواراڻي، روڪ ٽوڪ ۽ قانوني جواب تي زور ڀريو ۽ چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر هو هميشه عزت سان پنهنجي خودمختياري جو دفاع ڪندو. وفد ان ڳالهه جو اشارو ڏنو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جي مصنفاڻي ۽ پرامن حل تي ٻڌل آهي. بيان ۾ عالمي برادري تي زور ڀريو ويو ته هو عالمي قانونن ۽ معاهدن جي تقدس کي برقرار رکي، سنڌ طاس معاهدي جي بحالي ۽ ان کي معمول موجب هلڻ تي زور ڀري ۽ ڄمون ڪشمير جي بنيادي تڪرار سميت ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ حل طلب مسئلن جي حل لاءِ جامع ڳالهين جي شروعات جي حمايت ڪري. وفد ان واضح پيغام سان پنهنجي دوري جي پڄاڻي ڪئي ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسرين سان برابري ۽ احترام، پرامن ۽ گڏيل سهڪار تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پر هو جارحيت، ڇوٽ، يا عالمي اصولن جي خلاف ورزين کي قبول نه ڪندو. وفد ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن وارو وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، شيري رحمان، اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر، اڳوڻو دفاع ۽ واپار وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سينيٽر سيد فيصل علي سبزواري، سينيٽر بشريٰ انجم بٽ، پرڏيهي معاملن وارو اڳوڻو سيڪريٽري جليل عباس جيلاني ۽ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه شامل هيا.