اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آھي. پنهنجي بيان ۾ ھن ڪارروائين دوران فتنه الخوارج جي 14 دھشتگردن کي جھنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون پيشيوارڻيون صلاحيتون فخر جوڳيون آھن. ملڪ مان دھشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج خلاف جنگ جاري رھندي. فتنه الخوارج کي انھن جي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيڻ ڏنو ويندو. فتنه الخوارج جي خاتمي لاءِ سموري قوم پاڪستان جي فوج سان گڏ آھي. پاڪستان جي ھٿيار بند فوج قوم جي سھڪار سان فتنه الخوارج جي ناپاڪ ارادن جو خاتمو ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندي.