راولپنڊي – 04 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي تعلقي دته خيل ۾ ڀارت جي حمايت ڪندڙ 14 خوارجي مارجي ويا آهن. اربع ڏينھن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي دته خيل تعلقي ۾ ڀارت جي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس تي ٻڌيل آپريشن ڪيو جنھن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 14 خوارجي مارجي ويا. علائقي ۾ وڌيڪ ڪنھن وڌيڪ ڀارتي حمايت ڪندڙ خارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائزيشن آپريشن جاري آھي. اختيارين جو چوڻ آھي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارت جي حمايت يافته دھشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي.