سيئول-04 جون (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي نئين صدر لي جي ميونگ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڏکڻ ڪوريا جي 21 هين صدر نيشنل اسيمبلي جي عمارت ۾ حلف کنيو. ان موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو عوام جي خدمت ڪندو، پوءِ ڀلي ان کي صدارتي چونڊن ۾ ڪنهن جي به حمايت ڪئي هجي. لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان تعلق لي جي ميونگ 49.42 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا ۽ پنهنجي مخالف کي 8.27 پوائنٽس جي واضح فرق سان شڪست ڏني. هن چيو ته ايشيائي ملڪ تبديلي جي هڪ وڏي موڙ تي بيٺل آهن، جتي مصنوعي ذهانت ۾ مقابلو، موسيماتي تبديلي ۽ وڌندڙ تحفضاطي قدمن جهڙا چئلينج درپيش آهن. هن عوام جي زندگين ۾ بهتري ۽ ڪمزور معيشت کي بحال ڪرڻ وارين ڪوششن سان شروعات ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس حڪومت نئين ترقياتي راهون پيدا ڪندي.هن ڪوريا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اتر ڪوريا سان ڳالهين ۽ تعاون جو واعدو ڪيو ۽ چيو ته هو عوام کي هجوم ۾ ڪچلڻ ۽ هوائي جهازن جي حادثن جهڙن سانحن کان محفوظ رکڻ جا قدم کڻندا.