اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وفاقي گھرو وزير محسن نقوي اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آھي ته پاڪستان ڌرتي تان ھڪ ھڪ خوارجي دھشتگرد جو مڪمل صفايو ڪنداسين. پنھنجي ھڪ بيان ۾ وفاقي گھرو وزير ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراھيو. ھن چيو ته سيڪيورٽي فورسز 14 ڀارتي حمايت يافته خوارجي دھشتگردن کي جھنم حوالي ڪري وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. محسن نقوي چيو ته ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي دھشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪيون ٿا، قوم خوارجي دھشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ھن چيو ته ڀارتي حمايت يافته خوارجي دھشتگردن کي عبرتناڪ انجام واضح پيغام آھي ته پاڪستان ۾ خوارجين کي لڪڻ جي جڳھه نه ملندي. پاڪستان جي ڌرتي تان ھڪ ھڪ خوارجي دھشتگرد جو مڪمل صفايو ڪنداسين.