اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان پاڪستان ۾ مقرر ازبڪستان جي سفير علي شير تختائف هڪ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ازبڪستان، افغانستان، پاڪستان ريلوي ٽرانزٽ راهداري جي منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان ملاقات جو مقصد خطي ۾ ريلوي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ان تاريخي منصوبي جي پڄاڻيءَ لاءِ گڏيل حڪمت عملي واضح ڪرڻ آهي. ٻنهي اڳواڻن ان منصوبي کي خطي جي اقتصادي ترقي ۽ واپاري رابطن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سنگ ميل قرار ڏنو. اٽڪل 850 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي ڪنيڪٽوٽي جي ان منصوبي تي سهڪار کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ اتفاق ڪيو ويو جنهن ۾ افغانستان ۾ 647 ڪلوميٽر ڊگهي نئين ريلوي لائن جي تعمير شامل آهي. اها راهداري وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا وچ ۾ پهرين سڌي ريت ريلوي ڪوريڊور هوندي، جيڪا خطي ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار جون نيون راهون کوليندي. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته منصوبي جي پڄاڻيءَ کان پوءِ پاڪستان کي وچ ايشيا تائين سڀ کان مختصر ۽ اثرائتو رستو ميسر ٿيندو، جيڪو نه صرف واپاري ڳاڻيٽيءَ ۾ واڌ ڪندو پر خطي جي معيشت کي به مضبوط بنيادن تي آڻيندو. هن وڌيڪ چيو ته هي ريلوي ڪوريڊور واپار جي وقت ۽ لاڳت ۾ نمايان گهٽتائيءَ جو سبب بڻجندو، جنهن سان سمورين ڌُرين کي فائدو پهچندو. هن چيو ته ان راهداري تحت ساليانو 15 ملين ٽن سامان موڪلڻ جي صلاحيت جي اميد آهي، جيڪا خطي ۾ روانگي ۽ آمدني واپار جي ڳاڻيٽي کي بي مثال حد تائين وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ٻئي پاسي ريلوي واري وفاقي وزير ان منصوبي جي اهميت کي چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو تحت خطي ۾ سيڙپڪاري ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ جو اهم جُز قرار ڏنو. هن چيو ته هي منصوبو خطي ۾ نه صرف معاشي رابطن کي مستحڪم ڪندو پر علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو. ملاقات ۾ ازبڪستان جي سفير پاڪستان جي ريلوي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ناتن کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي روشني وڌي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل سهڪار سان خطي ۾ معاشي خوشحاليءَ کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي ان منصوبي جي امڪاني هاڪاري اثرن کي ساراهيو ۽ ان کي خطي لاءِ ترقي ۽ امن جو هڪ روشن مستقبل قرار ڏنو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين علائقائي سهڪار کي هٿي ڏيڻ، اقتصادي راهدارين کي فعال بنائڻ ۽ گڏيل ترقي لاءِ گڏيل منصوبن تي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.