اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ٻارن جي جنسي استحصال ۾ ملوث وڏو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو آهي، عالمي گينگ جي جرمن اڳواڻ جي گرفتاري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هر ضلعي ۾ سائبر ڪرائيم آفيس بنائڻ چاهيون ٿا ۽ سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، جديد گهرجن موجب پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو. گذريل ڏينهن هتي ڊي جي سائبر ڪرائيم وقار الدين سيد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير طلال چوڌري جو چوڻ هو ته حڪومت جي پيڪا ايڪٽ جو مقصد ڪنهن صحافيءَ جي آواز کي دٻائڻ ناهي، پيڪا ايڪٽ وقت جي ضرورت آهي، اسان سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪنهن به صورت ۾ ان کي بند ڪرڻ يا ڪنهن جي آواز کي دٻائڻ اسان جو مقصد ناهي. هن چيو ته پاڪستان – ڀارت جنگ دوران ٻاهر ويٺل ڀارتي پراڪسيز جيڪا مهم هلائي ان ۾ به وڏي ڪاميابيءَ سان ماڻهن کي سُڃاتو ويو آهي. هر ضلعي ۾ سائبر ڪرائيم آفيس بنائڻ چاهيون ٿا، ڇاڪاڻ ته هر ضلعي ۾ سندن آفيس هجي، اتي سهولت هوندي، انهن وٽ اهي ماڻهو هوندا جن جي ڪيپيسٽي هجي ته جيئن هو ماڻهن کي فيسيليٽيٽ ڪري سگهن، ايتريون درخواستون اڄڪلهه ايف آءِ اي ٿاڻن ۾ نٿيون وڃن جيتريون شڪايتون سائبر ڪرائيم ونگ ۾ وڃن ٿيون، سائبر ڪرائيم ونگ کي روزانو جي بنياد تي شڪايتون وصول ٿي رهيون آهن. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ هڪ انٽرنيشنل گينگ جنهن جو مُک اڳواڻ هڪ جرمني جو ماڻهو آهي، ٻارن کي جنسي استحصال جو نشانو بڻائيندو هو، هن اتي هڪ ننڍو ڪلب بڻايو هو، ان ڪلب ۾ 6 کان 10 سالن جي ٻارن کي مختلف قسم جا گيمز ۽ باقي ٻيون شيون سيکاريندا هئا، ان جاءِ تي تمام غريب گهراڻن جي ٻارن کي سڏايو ويندو هو، کين پئسا ڏئي ۽ ان کان پوءِ بليڪ ميل ڪري سندن جنسي استحال ڪيو پئي ويو، انهن جي وڊيوز کي ڊارڪ ويب تي هزارين ڊالرن جي عيوض روزانو جي بنياد تي وِڪيو وڃي ٿو، سندن وڊيوز کي جيڪو شخص عالمي سطح تي وِڪڻندو هو اهو جرمني جو رهائشي آهي، اسان کي ان تائين پهچڻ لاءِ جيڪو به قانوني طريقو هوندو اهو اختيار ڪري رهيا آهيون. مملڪتي وزير چيو ته اٽڪل 50 ٻار متاثر ٿيا آهن جيڪي ٻار اُتان هٿ ڪيا ويا آهن انهن مان 6 ٻارن کي چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي حوالي ڪيو ويو آهي، بدقسمتيءَ سان ڪجهه ٻارن جا گهر وارا ۽ والدين به ان ۾ شامل نڪتا، انهن خلاف به ڪارراوئيءَ جي شروعات ڪئي وئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته 5 ڪلاڪن جو ڊگهو آپريشن 23 مئي تي ڪيو ويو، نيشنل سائبر ڪرائمز انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ 6 ٻارن کي چائلڊ پروٽيڪشن بيورو ۾ اُماڻيو ويو. ان موقعي تي ڊي جي سائبر ڪرائيم ٻُڌايو ته اسپيشل برانچ پنجاب اسان کي اطلاع ڏنو ته مظفر ڳڙهه جي علائقي دين پناهه ۾ هڪ پرڏيهي جو اچڻ وڃڻ آهي ۽ سندس سرگرميون شڪي آهن، اين سي سي آءِ اي اسپيشل برانچ جي سهڪار سان 22 ۽ 23 مئي جي رات 5 ڪلاڪ ڊگهي آپريشن جي نتيجي ۾ 2 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون ۽ واحد واقعو آهي جنهن ۾ اها گينگ مقامي ٻارن کي جنسي استحصال ڪري سندن وڊيوز به بنائي ٿي، ڪانٽيننٽ پروڊڪشن به ڪري ٿي ۽ ان ڪانٽيننٽ کي پوءِ انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ کڻي ڊارڪ ويب تي وِڪرو ڪن ٿا. ان گينگ اتي هڪ فائٽنگ اسڪول بنايو آهي جتي ٻارن کي مختلف فزيڪل ايڪٽيوٽيز ڪرايون وينديون هيون ۽ ان بهاني سان ٻارن کي اتي سڏائي ساڻن جنسي استحصال جو نشانو بنايو ويندو هو. هن ٻُڌايو ته اتان 6 ٻار مليا آهن جن کي چائلڊ پروڊڪشن حوالي ڪيو ويو آهي. اطلاعن موجب 6 کان 10 سالن وچ ۾ 50 کان وڌيڪ ٻار جنسي استحصال جو شڪار آهن. هن ٻُڌايو ته جاچ دوران خبر پئي ته جرمن رهواسي هڪ ڀيرو 18 کان 20 ڏينهن لاءِ هتي قيام ڪيو، سڄو سيٽ اپ بنايو، وڊيوز ۽ لائيٽنگ جي باقاعده تربيت ڏني، 5 ماڻهن خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪئي وئي آهي جن مان 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي 3 جوابدار اشتهاري آهن. ملزم وڊيو بنائي جرمن رهواسي ڏانهن اُماڻي ٿو، جيڪو واٽس ايپ گروپس ۽ ٽيليگرام گروپس ذريعي انهن جي مختلف گروپس ۾ ڦهلائين ٿا ۽ پوءِ ڊارڪ ويب تي ان کي وِڪرو ڪن ٿا.