برازيليا _4 جون (اي پي پي ) برازيل جي صدر لوئيز اناسيو لولاڊي سلوا چيو آهي ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر جوبائيڊن پنهنجي اقتدار ۾ روس کي تباهه ٿيڻ جي خواهش ڪئي هئي. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته هن آمريڪا جي اڳوڻي صدر جوبائيڊن سان هڪ ڊگهي ملاقات ۾ يوڪرين جنگ جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . ان دوران آمريڪا جي اڳوڻي صدر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته روس کي تباهه ڪرڻ گهرجي . برازيل جي صدر چيو ته يورپ جيڪو ڊگهي عرصي کان دنيا ۾ هڪ وچولي رستي جو روپ اختيار ڪري رهيو هو، هاڻي آمريڪا جي گهڻو ويجهو اچي ويو آهي ۽ هٿيار ٺاهڻ تي ٻيهر اربين ڊالر خرچ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن . جيڪا پريشاني جوڳي ڳالهه آهي ڇو ته جيڪڏهن اسان صرف جنگ جي ڳالهه ڪندا رهنداسين ته ڪڏهن به امن قائم نه ٿيندو.