اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ڊيجيٽل ميڊيا بابت خاص معاون ۽ مملڪتي وزير فهد هارون اسلام آباد ۾ موجود اطالوي سفارتخاني ۾ اطالوي جمهوريه جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اها تقريب پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير ماريلينا آرميلن جي ميزباني ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ سينيئر سرڪاري عملدارن، غيرملڪي سفارتڪارن، صنعتڪارن ۽ ثقافتي نمائندن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. فهد هارون ”فيسٽا ڊيلا ريپبليڪا“ (اطالوي جمهوريه جي قومي ڏينهن) جي موقعي تي اطالوي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏني جيڪو هر سال 2 جون تي اطالوي جمهوريه قائم ٿيڻ ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. فهد هارون چيو ته هن تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي. پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ پراڻي دوستي آهي، جيڪا گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ تعاون تي ٻڌل آهي. اهڙيون تقريبون اسان کي وڌندڙ حصيداري ۽ مستقبل جي امڪانن جي ياد ڏيارين ٿيون. پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل آهن، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، تعليم، موسمياتي قدمن، جدت ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون وڌي رهيو آهي. فهد هارون سفير ماريلينا آرميلن جي مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا ۽ اٽلي سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.