اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا گڏيل اعتماد، تعاون ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي عزم تي ٻڌل آهن، اٽلي خطي ۾ امن جي فروغ ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو هڪ ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي جيڪا هڪ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. اٽلي جي قومي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اٽلي جي قومي ڏينهن جي خوشي واري تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز جوڳي آهي. هن پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام پاران اٽلي جي عوام ۽ حڪومت کي انهن جي قومي ڏينهن تي دلي مبارڪباد ڏني. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي ڀرپور تاريخ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد، تعاون ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي عزم تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پاڪستان اٽلي سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ جامع، ڊگهي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. وفاقي وزير چيو ته اٽلي امن جي فروغ ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي 75 سالا ٻطرفا لاڳاپا مڪمل ڪري چڪا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا رابطا مسلسل مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته گذريل مهيني اٽلي جي گهرو وزير پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ پورهيتن جي چرپر بابت هڪ اهم ٻطرفي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. سندس چوڻ هو ته موجوده علائقائي ڇڪتاڻ جي باوجود اٽلي جي گهرو وزير جو دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي مضبوطي جي عڪاسي ڪري ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ 2013ع کان اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان (ايس اي پي) تحت موثر مڪالماتي نظام قائم آهي ۽ ٻئي ملڪ سياسي ۽ اقتصادي معاملن ۾ باقاعده مڪالمي جا خواهشمند آهن. ان ڏس ۾ پوليٽيڪل ڊائيلاگ جو آخري اجلاس هلندڙ سال فيبروري ۾ ٿيو. هن چيو ته اسان پاڪستان – اٽلي گڏيل اقتصادي ڪميشن جي اڳئين اجلاس جي ميزباني جا منتظر آهيون. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اٽلي پاڪستان جو اهم واپاري ۽ اقتصادي حصيدار آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو هڪ ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي جيڪا هڪ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. هن چيو ته اٽلي جون ڪيتريون ئي ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اٽلي يورپي يونين ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ هڪ پرڪشش مقام بڻجي چڪو آهي ۽ هن وقت اٽڪل 3500 پاڪستاني شاگرد اٽلي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جن مان اڪثريت روم جي ”لا اسپينزا يونيورسٽي“ ۾ تعليم هيٺ آهن. وفاقي وزير پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير مريلينا آرميلن ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته انهن جي اڻٿڪ محنت پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ فائديمند حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهي آهي.