اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مڇ ۽ مورگند، بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب آپريشن ۾ 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ بلوچستان ۾ دهشتگردي ڦهلائيندڙ فتنه الهندستان جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.