اسلام آباد-02 جون (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت 88380 حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي چڪا آهن. هلندڙ سال نجي ۽ سرڪاري اسڪيمن تحت مجموعي طور تي هڪ لک 15391 پاڪستاني حج پانڌيئڙا حج جو فرض ادا ڪندا. وزارت مطابق سرڪاري اسڪيم جي پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي ڀلي پار قيام دوران روزانو ناشو، ٻنپهرن ۽ رات جو کاڌو 34 ريالن ۾ فراهم ڪيو پيو وڃي. حج پانڌيئڙن کان کاڌي جي مد ۾ في ماڻهو 1360 ريال وصول ڪيا ويا آهن. مڪي شريف 22 ۽ مديني شريف ۾ 13 ڪمپنيون پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي کاڌو فراهم ڪري رهيون آهن. وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي اوپن مارڪيٽ کان سستو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. نجي حج اسڪيم تحت حج پانڌيئڙن جو انگ 27011 آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال پاڪستان جي حج ڪوٽا هڪ لک 79210 هئي جنهن مان 63830 نجي اسڪيم جا حج پانڌيئڙا حج کان محروم رهيا. ڪوٽا استعمال ڪرڻ جو تناسب 64.39 سيڪڙو آهي. حاجين کي عيد جي موقعي تي مينيو مطابق کاڌو فراهم ڪيو ويندو. هر کاڌي سان گڏ حج پانڌيئڙن کي پاڻي، جوس يا لسي کان علاوه ميوا به فراهم ڪيا پيا وڃن. ڊگهي دورانيه جو حج 40 کان 46 ڏينهن ۽ گهٽ دورانيي جو حج 22 کان 25 ڏينهن جو آهي.