اسلام آباد-02 جون (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان ايئر سيال جي پهرين عالمي اُڏام پي ايف 784 کي دبئي روانو ڪرڻ جا سمورا انتظام ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيا. اُڏام صبح 11:34 منٽن تي 137 مسافرن سان روانو ٿي. جيڪو پاڪستان جي نجي فضائي شعبي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. ان موقعي تي ايئرپورٽ جي چيڪ ان زون هڪ (بزنس ڪلاس ايريا) ۾ هڪ افتتاحي تقريب منعقد ٿي، جنهن جو خاص مهمان دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف هو. هن سان گڏ دفاع وارو سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل محمدعلي هلال امتياز ملٽري، ڊي جي پاڪستان ايويسن اٿارٽي نادر شفيع ڊار، چيف آپريٽنگ آفيسر/ايئرپورٽ مئنيجر آفتاب گيلاني ۽ ايئر سيال جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر به موجود هو. پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جديد انفراسٽرڪچر ۽ معياري سهولتون فراهم ڪري قومي ۽ عالمي فضائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ته جيئن مسافرن کي محفوظ آرامده ۽ اعتماد وارو سفري تجربو فراهم ڪري سگهجي.