نيويارڪ-02 جون (اي پي پي) پاڪستاني سفارتي وفد جي اهم ميمبر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پائيدار ترقي پاڪستان جي استحڪام جو بنياد آهي، پاڪستان علائقائي امن ۽ سلامتيءَ ۾ واضح دلچسپي رکي ٿو، ڀارت ڪوڙي دهشتگرديءَ جي الزامن کي جنگ لاءِ جواز بنائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهو سلسلو معمول بڻجڻ نٿو ڏئي سگهجي، پاڪستان دنيا کي ڀارتي پاليسين جي خطرناڪ نتيجن بابت آگاهه ڪندو رهندو. سومر ڏينهن پي پي پي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق سينيٽر شيري رحمان چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد نيويارڪ ۾ اعليٰ سطحي گهڻ رُخي ملاقاتن جي ڀرپور شيڊول سان آمريڪي دؤري جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، پاڪستاني وفد گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر جي آسپاس عالمي برادريءَ کي سفارتي ايجنڊا پيش ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته ملاقاتون صرف تصويري موقعا نه پر اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ هجن. هن چيو ته پاڪستان جي حيثيت هڪ ذميوار ۽ مستحڪم مڊل پاور طور اجاگر ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عالمي قانونن جي پاسداري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو حصو آهي. پاڪستان خلاف ڀارت جي هٿ ٺوڪي بيانيي کي ان ڀيري سچ جو چهرو اختيار ڪرڻ نه ڏنو ويندو. ڀارت ڪوڙي دهشتگرديءَ جي الزامن کي جنگ لاءِ جواز بنائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهو سلسلو معمول بڻجڻ نٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته دهشتگردي هڪ سنجيده مسئلو آهي ۽ ان کي سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ گهرجي، نه صرف ٻه ملڪ پر سڄي دنيا کي جنگ ۽ هائپر نيشنل ازم ذريعي خطري ۾ وجهڻ جي ڀارتي پاليسي قبولڻ جوڳي ناهي. پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف ڊگهي زميني جنگ وڙهي آهي، شهيد بينظير ڀٽو دهشتگردن هٿان شهيد ٿي. هن چيو ته اسان رت ۽ سرمايو ٻنهي جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. ڀارت جا ڪوڙا بيانيا اسان کي ڪنهن فلمي اسڪرپ جو حصو نٿا بنائي سگهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ کي اهم ذميواري ڏني آهي جيڪو ڀارتي خلاف ورزين تي واضح مؤقف پيش ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير ۽ جنگ ۽ امن جي عالمي قانونن جي خلاف ورزين تي پاڪستان جو ٺوس مؤقف ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميدار ايٽمي رياست جي حيثيت سان امن تي ٻَڌل منصفاڻي بحث تي يقين رکي ٿو، امن لاءِ ڳالهيون اهم آهن پر ڀارتي وزيراعظم جي خطرناڪ ۽ غير ذميواري پاليسين تي خاموشي اختيار نه ڪئي ويندي. پاڪستان دنيا کي ڀارتي پاليسين جي خطرناڪ نتيجن بابت آگاهه ڪندو رهندو.