ڪوئيٽا-26 مئي (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پاڪستان ايئرفورس پنهنجي دشمن جي طاقت جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، جنگ جي ميدان ۾ شڪست کانپوءِ اسان جو دشمن ٻارن کي نشانو بنائي رهيو آهي. پ پ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، سياست بعد ۾ به ڪري سگهون ٿا پر هاڻ دشمن جو مقابلو ڪرڻو آهي، افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا ويڙهاڪ نيٽو جا هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن. اهڙو اظهار هن بلوچستان اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وقتي گورنر ڪئپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، مير چنگيز جمالي، حيات خان اچڪزئي ۽ ٻيا به موجود هئا. گورنر چيو ته ڪوئيٽه اچڻ جو مقصد خضدار جي افسوسناڪ واقعي ۾ زخمي ٻارن جي عيادت ڪرڻي هئي، هي انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، ان کان اڳ هڪ افسوسناڪ واقعو اي پي ايس پشاور ۾ پيش آيو هو، هي بزدلاڻو قدم آهي جنگن ۾ عورتن ٻارن ۽ عبادتگاهن تي حملا ناهن ٿيندا پر اسان جو بزدل دشمن فوج جو مقابلو ڪرڻ بدران معصوم ماڻهن کي نشانو بنائي رهيو آهي، اسان جي دشمن کي پنهنجي طاقت تي وڏو تڪبر هو پر پاڪستان جي ايئرفورس ان تڪبر کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. پاڪستان کي غير مستحڪم ڪندڙن سان لوهي هٿن سان مُنهن ڏنو ويندو. حڪومت دهشتگردن جو مردانگي سان مقابلو ڪري رهي آهي، منهنجي صوبي ۾ حڪومت ۾ شامل ماڻهو هڪٻئي تي ڪرپشن جا الزام لڳائي رهيا آهن. هن چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم کي خط لکيو هو ته اسلام آباد نئين ايئرپورٽ کي بينظير جي نالي تي رکيو وڃي، ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ قرارداد پاس ٿي آهي. بلوچستان اسيمبليءَ ۾ قرارداد پاس ڪئي وئي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس هجي يا خضدار اي پي ايس ڪي پي ڪي جو عوام بلوچستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، منهنجي دُعا آهي ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن هجي. جڏهن ته اُن کان اڳ هُن سي ايم ايڇ ڪوئيٽا جو دورو ڪري خضدار اي پي ايس بس حملي جي زخمي ٻارن جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير مير سرفراز بگٽي ۽ اڳوڻو وفاقي وزير مير چنگيز جمالي به ان سان گڏ هئا. گورنر ٻارن سان پيار ڪيو ۽ انهن جي صحت بابت ڄاڻ ورتي. گورنر زخمي ٻارن جو حوصلو وڌايو ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي اسپتال انتظاميا طرفان ڪي پي ڪي جي گورنر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي زخمي ٻارن ملندڙ علاج جي سهولتن بابت بريفنگ ڏني.