اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين اوورسيز ايمپلائمينٽ ڪارپوريشن (او اي سي) ۽ پنجاب ووڪيشنل ٽريننگ ڪائونسل (پي وي ٽي سي) وچ ۾ ايم او يو کي پيشيوراڻي تربيت ۽ پرڏيهه ۾ روزگار جي موقعن طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي ته هي قدم پاڪستاني نوجوانن کي عالمي سطح تي روزگار جي حاصلات لاءِ گهربل هنر ۽ ثقافتي سمجهه سان ليس ڪرڻ جي حڪومتي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي اوورسيز ايمپلائمينٽ ڪارپوريشن ۽ پنجاب ووڪيشنل ٽريننگ ڪائونسل وچ ۾ مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيح لاءِ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري سالڪ حسين چيو ته هي حصيداري اسان جي نوجوانن لاءِ حقيقي رستا پيدا ڪرڻ بابت آهي، اسان هڪ فريم ورڪ تحت ٽريننگ ۽ پليسمينٽ کي گڏ ڪري رهيا آهيون ته جيئن پنجاب جي ووڪيشنل سينٽرز ۾ هنر سکندڙ سرڪاري شفاف چينلز ذريعي پرڏيهه ۾ روزگار جا موقعا تلاش ڪري سگهن. هن ايم او يو تحت پي وي ٽي سي جاپان ڏکڻ ڪوريا جهڙن ملڪن لاءِ تربيتي پروگرام پيش ڪندي جنهن ۾ زبان جي تعليم ثقافتي واقفيت شامل آهي. او اي سي ان ٽريننز کي حڪومت کان حڪومت جي ليبر موبلٽي پروگرام جهڙوڪ اي پي ايس ڪوريا پي آءِ ٽي ۽ ايس ايس ڊبليو جاپان تحت روزگار جي موقعن سان ڳنڍي انهن جي مدد ڪندو. وفاقي وزير اهڙن ڪارڪنن کي تيار ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي نه صرف فني طور تي هنرمند هجن پر پيشيوراڻي ۽ ثقافتي طور تي به پرڏيهه ۾ زندگيءَ لاءِ تيار هجن. هن چيو ته آجر اهڙا ماڻهو تلاش ڪري رهيا آهن جيڪي مختلف هنڌن تي خود کي ضم ڪري سگهن. هن افرادي سگهه جي ترقيءَ لاءِ وڌيڪ مربوط نقطه نظر جي تعمير تي وزارت جي وسيع توجهه تي به زور ڀريو، قابليت کي عالمي معيارن سان ڳنڍڻ قاعدن ضابطن کي هموار ڪرڻ ۽ ترقياتي تنظيمن غير ملڪي مشنز سان حصيداريءَ کي مضبوط بنائڻ جي ڪوشش جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته هي صرف قدم ناهي پر وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي ڪوششن کي گڏ ڪري پرڏيهه ۾ موڪلڻ لاءِ اهڙي افرادي سگهه کي تيار ڪرڻ آهي جيڪي فخر سان پاڪستان جي نمائندگي ڪري سگهن. هن نوجوانن کي موقعن مان فائدو کڻڻ جو مشورو ڏيندي تربيت لاءِ پرڏيهه ۾ مقرري تائين هر قدم تي انهن جي حمايت ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو.