اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز جي وصولي لاءِ ايف بي آر جون سموريون لاڳاپيل آفيسون 31 مئي تي رات 8 وڳي تائين کليل رهنديون. ايف بي آر طرفان ان حوالي سان لارج ٽيڪس پيئر آفيسون، ميڊيم ٽيڪس پيئرز آفيس، ڪارپوريٽ ٽيڪس آفس ۽ ريجنل ٽيڪس آفيسن جا چيف ڪمشنرز ان لينڊ روينيو جي نالي جاري خط ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2024-25ع جي روينيو هدفن جي وصولي ۽ ٽيڪس جي تعميل لاءِ انفورسمنٽ قدمن کي فعال طور تي اڳتي وڌائڻ لاءِ سموريون لاڳاپيل آفيسون 31 مئي تي رات 8 وڳي تائين کليل رهنديون.