اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چار ملڪي دوري جي پهرين مرحلي ۾ ترڪيه روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به گڏ آهن. وزيراعظم آفيس پريس ونگ طرفان جاري پريس پڌرائي مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف 25 کان 30 مئي 2025ع تائين ترڪيه، ايران، آذربائيجان ۽ تاجڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم انهن ملڪن جي اڳواڻن سان ٻه طرفه لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي وسيع پئماني تي ڳالهيون ڪندو. ڀارت سان تازي بحران دوران دوست ملڪن طرفان پاڪستان کي ڏنل حمايت تي سندن ٿورو به ادا ڪندو. وزيراعظم 29 ۽ 30 مئي تي تاجڪستان جي شهر دوشنبي ۾ گليشيئرز تي عالمي ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪندو.