اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمهوريه ازبڪستان جي پرڏيهي وزير سيدوف بختيور اوديلووچ سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پريس پڌرائي موجب ڇنڇر ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهائيندي ٻنهي اڳواڻن موجوده ٻه طرفه لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال خاص طور تي ازبڪستان-افغانستان-پاڪستان(اي اي پي) ريلوي لائين منصوبي تي ڳالهيون ڪيون.