استنبول – 25 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه مختلف شعبن ۾ گهڻ رخي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ علائقائي امن، پائيدار ترقي ۽ پنهنجي عوام جي گڏيل خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. جڏهن ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائپي وارن لاڳاپن جي استحڪام تي زور ڀريندي ڏکڻ ايشيا ۾ تازي اڳڀرائي دوران پاڪستان جي پختي حمايت تي ترڪيه حڪومت ۽ عوام جو دل جي گهرائين سان ٿورو مڃيو ۽ ان کي پاڪستان لاءِ اطمينان ۽ طاقت جو سبب قرار ڏنو. اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف جيڪو ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهتو آهي، هن جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان خوشگوار ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ گهرن، تاريخي ۽ ڀائپي وارن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ويو. جيڪي گڏيل قدرن، گڏيل احترام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل ويزن جي نشاني آهن. وزيراعظم سان گڏ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به موجود هو جنهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائپي وارن لاڳاپن جي مضبوطي تي زور ڀريندي ڏکڻ ايشيا ۾ تازي اڳڀرائي دوران پاڪستان جي پختي حمايت تي ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو. هن ترڪيه جي اصولي موقف ۽ پاڪستان لاءِ ترڪ عوام جي خيرسگالي جي ڀرپور حمايت کي ساراهيندي ان کي پاڪستان لاءِ نهايت سٺو ۽ طاقتور قرار ڏنو. وزيراعظم پاڪستان جي هٿياربند فوج جي عزم، حوصلي، قرباني واري جذبي ۽ پاڪستاني عوام جي پرامن حب الوطني تي روشني وڌي، جنهن جو مظاهرو بي مثال انداز ۾ ٿيو جنهن مادر وطن جي دفاع ۾ حق جي معرڪي ۽ آپريشن بنيان المرصوص کي پاڪستان جي شاندار ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي خاص ڪري گڏيل منصوبن ۽ تجديد جوڳي توانائي، آءِ ٽي، دفاعي پيداوار، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ زراعت سميت گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن جي ٻه طرفي سيڙپڪاري ۾ اضافي جي اهم ذريعي طور اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن لاڳاپن جي سمورن پاسن جو هڪ جامع جائزو ورتو ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ بلندين تائين پهچائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن 13 فيبروري 2025ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪو آپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس دوران ڪيل اهم فيصلن تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو. ٻه طرفن معاملن کان علاوه وزيراعظم ۽ ترڪيه جي صدر اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڄمون ڪشمير تڪرار سميت هڪٻئي جي بنيادي ڳڻتي جوڳن معاملن تي پنهنجي اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن غزه جي سنگين انساني صورتحال تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ متاثر فلسطيني آبادي تائين بنا رڪاوٽ انساني پهچ جو مطالبو ڪيو. ملاقات پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ گهڻ رخي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جي تجديد سان پڄاڻي تي پهتي، ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن، پائيدار ترقي ۽ پنهنجي ماڻهن جي گڏيل خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ، وزيراعظم جو خاص مددگار سيد طارق فاطمي ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جو سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به موجود هئا. بعد ۾ ترڪ صدر، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ان سان گڏ موجود وفد جي اعزاز ۾ سانجهاندو به ڏنو.