استنبول- 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات لاءِ دولمابابچي محل پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدارتي محل آمد تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شاندار آجيان ڪئي، ٻنهي اڳواڻن جي وفد جي سطح تي ملاقات شروع ٿي وئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ، وزيراعظم جو خاص مددگار سيد طارق فاطمي ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جو سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به موجود هئا. بعد ۾ ترڪ صدر، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ان سان گڏ موجود وفد جي اعزاز ۾ سانجهاندو به ڏيندو.