استنبول – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور قلندرز ٽيم کي پاڪستان سپر ليگ 10 جو فائينل کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم پي ايس ايل جي 10هين ايڊيشن جي فائينل ۾ شاندار راند پيش ڪرڻ تي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۽ لاهور قلندرز کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته لاهور قلندرز هڪ شاندار مقابلي کان پوءِ مليل هدف ڪاميابي سان حاصل ڪيو. پي ايس ايل 10 ۾ شامل سمورين ٽيمن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو. هن پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جي ڪامياب منعقد ڪرائڻ تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ پي سي بي انتظاميه کي مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم سمورن رانديگرن خاص ڪري پرڏيهي رانديگرن کي خراج تحسين پيش ڪيو، جن جي شرڪت سان هي ڪامياب ايونٽ منعقد ٿيو.