استنبول – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيٽر حافظ عبدالڪريم کي مرڪزي جمعيت اهلحديث پاڪستان جو امير چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيٽر حافظ عبدالڪيم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.