اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پي ٽي وي لاهور جي جنرل مئنيجر ڊاڪٽر قيصر شريف جي والد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير مرحوم جي ڪٽنب سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڊاڪٽر قيصر شريف جي والد چوڌري محمد اشريف جي وفات جو ٻڌي دلي افسوس ٿيو. ڏکويل ڪٽنب سان ڏک جي ان گهڙي ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.