ڪراچي-24 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته ڀارتي اڳرائي خلاف پاڪستان جي هٿياربند فوج بهادري، دليري ۽ حڪمت عملي جو اهڙو مظاهرو ڪيو جنهن سان دشمن کي شڪست ملي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي شجاعت، دور انديش قيادت ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ظهير احمد بابر جي شاهينن جا ڪارناما ساراهه جوڳا آهن، نيول چيف ايڊمرل محمد اشرف جي اڳواڻي ۾ پاڪ بحريه دشمن جي سامونڊي حدن تائين پهچ کان روڪي رکيو ۽ پاڪستان کي تاريخي فتح حاصل ٿي. مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪن ثمينه قاسم جي جنازي نماز کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان جي فضائيه ۽ سامونڊي فوج الرٽ هيون، ڀارت کي جرئت نه ٿي ته هو اسان جي سمنڊن جو رخ ڪري. الله تعاليٰ پاڪستان کي تاريخي فتح سان نوازو، ڀارت جا جهاز ڪيرايا، ان جي ملٽري ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو، هاڻي ڀارت بيڪ فوٽ تي آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه، آذربائيجان ۽ ايران جو دورو ڪندو. هن ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جو ڀروسي جوڳو دوست قرار ڏنو ۽ چيو ته رجب طيب اردوان پاڪستان جي هر دل عزيز شخصيت ۽ پاڪستان جو دوست آهي. پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران ان جو ڪردار اهم رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم آذربائيجان ۽ ايران جو به دورو ڪندو. باڪو جي روڊن تي پاڪستان جي فتح جو جشن ملهايو ويو. پاڪستان جي دوست ملڪن اسان جي حق ۽ سچ تي ٻڌل بياني جو ساٿ ڏنو. وفاقي وزير چيو ته ڀارت وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي رهيو، اسان پهلگام واقعي جي جاچ جي به آڇ ڪئي هئي. وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي شاندار فتح سان نوازيو آهي، هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ پنهنجي جوانن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ميڊيا هائوسز ۽ سوشل ميڊيا صارفين بياني جي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. دنيا به پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو، پاڪستان نه رڳو عسڪري محاذ پر سفارتي ۽ اطلاعن جي محاذ تي به برتري حاصل ڪئي، جڏهن ته ڀارت جو ڪوڙو بيانيو بي نقاب ٿيو. هن چيو ته جڏهن ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته ان کي منهن جي کائڻي پئي. وفاقي وزير مسلم ليگ (ن) ڪراچي جي ڪارڪنن جي ڀارتي اڳرائي دوران خدمتن کي به ساراهيو. مسلم ليگ (ن) جي پراڻي ڪارڪن ثمينه قاسم جي پارٽي لاءِ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ته مرحومه محب وطن پاڪستاني هئي ۽ پنهنجي لاڏاڻي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ هن پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ خضدار سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو جيڪو سندس ملڪ سان وابستگي جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته ثمينه قاسم جي وفات جو ڏک هميشه رهندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري.