ڪراچي-24 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ مسلم ليگ (ن) جي پراڻي، نظرياتي ۽ سرگرم ڪارڪن ثمينه قاسم جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرحومه کي پارٽي لاءِ خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو. وفاقي وزير جنازي نماز کانپوءِ مرحومه جي قبر تي گل رکيا ۽ مرحومه جي ڪٽنب، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي ۽ مرحومه جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ثمينه قاسم مسلم ليگ (ن) جي هڪ باوقار، نظرياتي ۽ سرگرم ڪارڪن هئي، ثمينه قاسم پارٽي لاءِ ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته مرحومه هڪ محب وطن پاڪستاني هئي، پنهنجي لاڏاڻي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ اسڪول بس جي سانحي تي به سوشل ميڊيا تي افسوس جو اظهار ڪيو، جيڪو سندس سماجي ۽ قومي شعور ۽ ملڪ سان وابستگي جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته ثمينه قاسم جو لاڏاڻو پارٽي لاءِ وڏو نقصان آهي، ان جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهجندو. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر ڏي.