اسلام آباد-24 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيد ال خان هاڻوڪي چين جي دوري دوران چين جي صوبي شانشي ۾ واٽر سوينگ ٽيڪنالاجيز سينٽر ۽ شنگهائي ڪوآپريشن ماڊرن ايگريڪلچر ايڪسچينج سينٽر جو خصوصي دورو ڪيو. ان دوري جو مقصد چين ۾ زراعت جي شعبي ۾ استعمال ٿيندڙ جديد ٽيڪنالاجيز جو جائزو وٺڻ ۽ پاڪستان لاءِ امڪاني موقعن جو جائزو وٺڻ هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ مان جاري پڌرائي موجب سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو آهي ته چين ۾ زرعي ترقي لاءِ جيڪا جديد ٽيڪنالاجيز استعمال ڪئي پئي وڃي اها ساراهه جوڳي آهي، خاص طور تي پاڻي جي بچت، زمين جي بهتر زرخيزي، جديد ٻج ۽ ڊجيٽل فارمنگ جهڙا ماڊل پاڪستان لاءِ رهنمائي فراهم ڪن ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جيڪڏهن پاڪستان ان ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪري ته اسان جي زرعي پيداوار ۾ خاطر خواهه واڌ ممڪن آهي. هن چيو ته چين مان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو. ان جي زراعت ۾ ترقي جي ماڊلز ۽ مشينري جي استعمال متاثر ڪيو. انهن سمورن تجربن ۽ مشاهدن کي پاڪستان ۾ لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي ته جيئن پاڪستاني آبادگارن کي جديد سائنسي طريقن کان مستفيد ڪري سگهجي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ سائنسي تحقيق جي مٽاسٽا تي به زور ڀريو. هن تجويز ڏني ته پاڪستان ۽ چين جا تعليمي ۽ تحقيقي ادارا گڏيل منصوبن تي ڪم ڪن ته جيئن پائيدار زرعي ترقي کي ممڪن بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ معاشي لاڳاپا ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهيا آهن، اسان کي گهرجي ته انهن لاڳاپن کي زرعي واپار ۽ گڏيل سيڙپڪاري جي سطح تي وڌيڪ هٿي ڏيون. چين جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ زرعي مشينري، ٻج ۽ تحقيق ۽ ترقي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني وئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا بي شمار موقعا موجود آهن، خاص ڪري سي پيڪ تحت زرعي زونز جي قيام ۽ فوڊ پروسيسنگ انڊسٽري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ چين جو سهڪار نهايت اهم ثابت ٿي سگهي ٿو. آخر ۾ هن چين جي حڪومت، مقامي انتظاميه ۽ ادارن جو ٿورو مڃيندي چيو ته چين پاڪستان دوستي زنده باد، اسان پنهنجي ڀاءُ ملڪ چين کان هر ميدان ۾ سکڻ ۽ ترقي جي سفر ۾ حصيداري لاءِ پرعزم آهيون.