اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خضدار، بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ اسڪول جي ٻارڙن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته خضدار ۾ اسڪول بس تي ڀارتي ايجنٽن جي بزدلاڻي دهشتگردي جي حملي تي دل ڏکويل آهي جنهن ۾ معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو ويو جن مان ٽي ٻار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هن چيو ته اسان جون دعائون شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن، ان بي رحماڻي دهشتگرد حملي جي منصوبا سازن ۽ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.