اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي خضدار زيرو پوائنٽ ويجهو اسڪول بس تي ڀارتي اسپانسر دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وفاقي وزير محسن نقوي حملي ۾ ٻارن جي شهادت واري واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن شهيد ٿيل ٻارن جي وارثن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ وارا دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن. هن چيو ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن بربريت جو مظاهرو ڪري معصوم ٻارن تي حملو ڪيو، اسڪول بس تي حملو دشمن ملڪ پاران عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪڌي سازش آهي. گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قوم جي اتحاد سان هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته شهيدن جي پونئيرن سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي خاندانن ۽ زخمين سان آهن. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.