اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون ۾ سبزي منڊي پوليس چوڪي تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير محسن نقوي حملي ۾ شهيد ٿيل 2 پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندن وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي بيان ۾ هن زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي خاندانن سان آهن. هن وڌيڪ چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جي قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا. گهرو وزير واضح ڪيو ته خيبرپختونخواهه پوليس جي بهادر پٽن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪي پي ڪي پوليس هر اول جٿي جو ڪردار اد ڪري رهي آهي.