ڪوئيٽا – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي سان گڏوگڏ پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ پرعزم انداز ۾ بيٺل آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف، دفاع واري وفاقي وزير، وفاقي گهرو وزير، اطلاعات واري وفاقي وزير ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خضدار ۾ افسوسناڪ حملي ۾ زخمي ٿيندڙ ٻارن ۽ ٻين متاثرين جي عيادت جي لاءِ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دهشتگردي جي هڪ مذمت جوڳي ۽ بزدلاڻي ڪارروائي ۾ اربع ڏينهن بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ معصوم ٻارن کي کڻي ويندڙ اسڪول بس کي ڀارت جي رياستي سرپرستن (فتنه الهندوستان) نشانو بڻايو جنهن کي دنيا وڏي حد تائين خطي ۾ عدم استحڪام جي مرڪز جي طور تي ڄاڻي چڪي آهي. فوجي ذريعن سان پاڪستان کي مرعوب ڪرڻ ۾ واضح ناڪامي کانپوءِ دهشتگردي جي ڪڌي واقعن کي ان جي پراڪسيز جي ذريعي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وڏي پئماني تي منظم ڪيو پيو وڃي، پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ ڄاڻي واڻي شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. بلوچستان جي وڏي وزير ۽ ڪمانڊر ڪوئيٽا کين ان افسوسناڪ واقعي بابت ٻڌايو جنهن ۾ ٽي معصوم ٻار ۽ ٻه فوجي جوان شهيد ۽ 39 معصوم ٻارن سميت 53 زخمي ٿيا جن مان 8 جي حالت نازڪ آهي. وزيراعظم، وفاقي وزيرن ۽ آرمي چيف معصوم جانين جي زيان ۽ اسڪول ويندڙ معصوم ٻارن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن شديد زخمي ٻارن سان ملاقات دوران چيو ته انهن ڀارتي حمايت يافته پراڪسيز جي ذريعي دهشتگردي جي اهڙي شيطاني ڪارروائي شرمناڪ ۽ نفرت جوڳي آهي. نسلي بنيادن جي آڙ ۾ لڪل انهن دهشتگرد گروهن کي ڀارت پاران نه رڳو رياستي پاليسي جي اوزار جي طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي پر اهي بلوچ ۽ پشتون عوام جي عزت ۽ قدرن تي پڻ ڌٻو آهن، اهڙن اخلاقي طور تي ناقابل دفاع حربن تي ڀارت جو دارومدار خاص طور تي ٻارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ، عالمي برادري جي فوري ڌيان جي گهرجائو آهي. دهشتگردي کي پرڏيهي پاليسي جي اوزار جي طور تي استعمال ڪرڻ جي واضح لفظن ۾ مذمت ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان وحشياڻي فعل ۾ ملوث سمورن ماڻهن جو آخري حد تائين پيڇو ڪندا. ان ڏوهه جي منصوبا سازن، ان جي حوصلا افزائي ڪندڙن ۽ ان جو ارتڪاب ڪندڙن کي جوابده قرار ڏنو ويندو ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ ڀارت جو مڪار ڪردار جيڪو دهشتگردي جو هڪ حقيقي مرتڪب آهي پر پاڻ کي مظلوم جي طور تي پيش ڪرڻ جو ڍونگ رچائي ٿو، جي سچائي کي دنيا آڏو آشڪار ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي سان گڏوگڏ پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ پرعزم بيٺل آهي. وزيراعظم ۽ آرمي چيف ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته قوم غيرملڪي حمايت يافته دهشتگردي جي خلاف جنگ کي ان جي منطقي ۽ فيصلائتي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ ڀارت جي جارحيت جي خلاف تازو ئي ظاهر ڪيل مضبوط عزم جو مظاهرو ڪري.