لنڊن – 22 مئي (اي پي پي) انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي -20 عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي ٻيو ميچ جمعي ڏينهن 23 مئي تي کيڏيو ويندو. ميزبان انگلينڊ کي ويسٽ انڊيز جي وومينز ٽيم خلاف ٽن ٽي – 20 ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. ٽن ٽي 20- ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ 26 مئي تي کيڏي ويندي. ٽي- 20 سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، جنهن جي پهرين ميچ 30 مئي، ٻي 4 جون جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 7 جون تي کيڏي ويندي.