اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن روزاني ممتاز جي ايڊيٽر طارق محمود جي سالي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ عنبرين جان ۽ مبشر حسن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان سان گڏ آهيون. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.