اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ روزاني ممتاز جي ايڊيٽر طارق محمود سمير جي سالي محمد اسلم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.