راولپنڊي-21 مئي (اي پي پي) فيلڊ مارشل عاصم منير جي اعزاز ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ ياگار شهداءَ تي هڪ خاص گارڊ آف آنر جي تقريب منعقد ٿي. ان موقعي تي فيلڊر مارشل سيد عاصم منير يادگار شهداءَ تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ پاڪستان جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي. فيلڊ مارشل اهو اعزاز سڄي قوم، پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ خاص ڪري سويلين ۽ هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن ۽ غازين جي نالي وقف ڪيو. سندس چوڻ هو ته اهو اعزاز پوري پاڪستاني قوم ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي جانباز سپاهين ۽ آفيسرن جي نالي آهي، خاص ڪري انهن شهيدن جي نالي جن ڀارت جي بنا جواز، بزدلاڻي ۽ غير قانوني جارحيت خلاف شيهي جي ديوار بڻجي دفاع ڪيو.