اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) حڪومت پاڪستان ڊجيٽل اثاثا جات اٿارٽي (پي ڊي اي اي) قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا بلاڪ چين تي ٻڌل مالياتي ڍانچي جي نگراني ڪندي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب مستقبل ۾ مالياتي نظام کي اختيار ڪرڻ طرف هڪ تاريخي قدم طور ناڻي واري وزارت ڊجيٽل اثاثن کي ضابطه ڪار ۾ آڻڻ ۽ پاڪستان جي ورچوئل اثاثن جي معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. حڪومت هڪ ڌار اداري پاڪستان ڊجيٽل اثاثا جات اٿارٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي جيڪو بلاڪ چين تي ٻڌل مالياتي ڍانچي جي نگراني ڪندو. ان قدم جو مقصد اي ٽي ايف موجب معاشي شموليت ۽ ڊجيٽل اثاثن جي ذميوارڻي استعمال کي يقيني بڻائڻ آهي.ناڻي واري وزير ۽ پي سي سي جي چيئرمين محمد اورنگزيب ان موقعي تي ٻڌايو ته پاڪستان کي صرف پوئتي رهڻ کان بچڻ لاءِ نه پر قيادت لاءِ ضابطه ڪار بڻائڻو پوندو. اٿارٽي قائم ڪرڻ سان گڏ اسان هڪ اهڙو فريم ورڪ جوڙي رهيا آهيون جيڪو صارفين کي تحفظ فراهم ڪندو، عالمي سيڙپڪاري کي دعوت ڏيندو ۽ پاڪستان کي مالياتي جدت جي ايندڙ مرحلي ڏانهن وٺي ويندو. پي ڊي اي اي هڪ خصوصي نگران ادارو هوندو جنهن کي ڊجيٽل اثاثن جي نظام ۾ لائسنسنگ، تعميل ۽ جدت جي نگراني جو واضح مينيڊيٽ حاصل هوندو. هي ادارو هڪ متحرڪ ۽ همه گير فريم ورڪ تحت ايڪسچينجز، ڪسٽوڊينز، والٽس، ٽوڪنائزڊ پليٽ فارمز، اسٽيبل ڪوائنز ۽ ڊي فائي ايپليڪيشنز کي ضابطاڪار ۾ آڻيندو. هي اسٽريٽجڪ فيصلو پاڪستان کي سندس ترقي پسند معيشتن جي صف ۾ آڻي بيهاريندو جنهن پهرين ئي ڊجيٽل اثاثن جي نگران ادارا قائم ڪيا آهن جهڙوڪ متحده عرب امارات، جاپان، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ته جيئن جدت کي هٿي ڏئي سگهجي ۽ عالمي مالياتي معيارن جي پاسداري کي يقيني بڻائي سگهجي. اٿارٽي قائم ڪرڻ سان 25 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي غير رسمي ڪرپٽو مارڪيٽ کي ضابطي ڪار ۾ آڻڻ، قومي اثاثن ۽ سرڪاري قرضن جي ٽوڪنائزيشن کي ممڪن بڻائڻ، مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن لاءِ قانوني وضاحت فراهم ڪرڻ، پاڪستان جي وڌيڪ بجلي کي باقاعده بٽ ڪوائن مائننگ ذريعي آمدني ۾ تبديل ڪرڻ ۽ نوجوانن ۽ اسٽارٽ اپس کي بلاڪ چين تي ٻڌل حل کي وڏي پئماني تي تخليق ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پي ڊي اي اي جي ڄاڻايل قيام سان پاڪستان عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ هڪ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي پنهنجي ارادي جو اظهار ڪري رهيو آهي ته جيئن ذميواراڻي جدت کي هٿي ڏئي سگهجي ۽ سيڙپڪارن، ڪاروباري ماڻهن ۽ عالمي حصيدارن جو اعتماد حاصل ڪري سگهجي. پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جي سي اي او بلال بن صقيب ٻڌايو ته هي صرف ڪرپٽو جو معاملو ناهي پر اسان جي مالياتي مستقبل جي نئين جوڙجڪ، عوامي رسائي ۾ توسيع، ٽو ڪنائزيشن، ڊجيٽل فنانس ۽ ويب 3 ذريعي روانگي واپار جا نوان رستا کولڻ جو موقعو آهي.