اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته ڀارت جي هاڻوڪي جارحيت کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪشمير جو معاملو عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي، جنهن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ خضدار ۾ حملو ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خضدار ۾ دهشتگردي جي واقعي تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته خضدار واقعو مذمت جوڳو آهي، جڏهن ڀارت کي شڪست ملي ته هن مقابلو ڪرڻ بدران خضدار ۾ حملو ڪرايو. هن چيو ته هو فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ايئر چيف کي مبارڪون ڏي ٿو جنهن ڀارتي جارحيت دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ پويان آهي، دنيا کي خبر آهي ته چين خلاف ڀارت کي بيهارڻ جون سندن ڪوششون ڪامياب نه ٿينديون. هن چيو ته چين، ترڪيه، ايران ۽ آذربائيجان به اسان جي حمايت ڪئي آهي، هاڻي بنگلاديش به ڀارت خلاف آهي. هن چيو ته پهريون ڀيرو ڪشمير جو معاملو عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي جنهن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ خضدار ۾ حملو ڪيو ويو. ڀارت کي پنهنجي ناپاڪ ڪوششن ۾ ڪامياب نه ملندي.