اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ پوليو ڪيسن جو مجموعي انگ 10 ٿي ويو. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر، لڪي مروت ۽ بنون مان پوليو جي 2 نون ڪيسن جي تصديق ڪئي آهي. لڪي مروت ۽ بنون ۾ پوليو ٽيمن کي درپيش مسئلن ۽ ڪجهه علائقن تائين پهچ محدود هئڻ سبب پوليو مُهمون متاثر ٿينديون آهن. بنون جي يونين ڪائونسل سينتنگا ۾ آڪٽوبر 2023ع کانپوءِ ڪا مهم نه ٿي سگهي. لڪي مروت جي يونين ڪائونسل بکمل احمد زئي ۾ به فيبروري ۽ اپريل جي مهم ۾ ويڪسين جي فراهمي ممڪن نه ٿي سگهي. پهچ جي مسئلن جي حل ۽ مهمن جي بهتري لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن، 26 مئي کان سڄي ملڪ ۾ ٽئين قومي پوليو مهم منعقد ڪئي پئي وڃي، مهم دوران 4 ڪروڙ 54 لک ٻارن کي ويڪسين پياري ويندي. اين اِي او سي جي اختيارين والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هر مهم دوران 5 سال کان گهٽ عمر وارن سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پيارين.