اسلام آباد-21 مئي(اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس 22 مئي خميس جي صبح جو 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي کانسواءِ خضدار ۾ دهشتگردي جي واقعي تي بحث ٿيو، بعد ۾ صدر نشين عبدالقادر پيٽل، ايوان جي ڪارروائي خميس جي صبح جو 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.