اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين سان سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 74هين سالگرهه تي پاڪستان ۽ چين جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان چين سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، چين سان لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جز آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان ”ون چائنا“ پاليسي جي اصولي موقف جو مضبوط حامي آهي، گذريل 7 ڏهاڪن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط کان مضبوط تر ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين مضبوط ڀاءُ ۽ اسٽريٽجڪ تعاون حصيداري ۾ ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار دوستي آهي، هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي چيني حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون. صدر چيو ته پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ چين جو اهم ڪردار آهي، پاڪ چين لاڳاپا گڏيل اعتماد، احترام ۽ خيرسگالي جي جذبن تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته ٻئي ڀائر ملڪ گڏيل خوشحالي، امن ۽ استحڪام ۽ خطي ۾ رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهن، ٻئي ملڪ خطي ۽ دنيا کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. هن چيو ته چين پاڪستان جي دفاعي شعبي جي مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو روشن مثال آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان جي معيشت، بنيادي ڍانچي ۽ توانائي جي شعبي تي مثبت اثر ڇڏيا آهن. صدر چيو ته پاڪستان چين سان معيشت، ٽيڪنالاجي، دفاع، تعليم ۽ واپار جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. صدر مستقبل ۾ چين سان لاڳاپا وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 74هين سالگرهه جي موقعي تي چيني قيادت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.