ڪراچي – 21 مئي (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ ”پائيدار ڪميپوٽنگ اينڊ اي آءِ” شيپنگ دي فيوچر آف انڊسٽري اينڊ سوسائٽي“ جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري چوٿين عالمي ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي. سنڌ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (سنڌ ايڇ اي سي) جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر طارق رفيع ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي يونيورسٽي جي شاهنواز ڀٽو آڊيٽوريم ۾ ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. ڄاڻايل ڪانفرنس جو انعقاد سنڌ ايڇ اي سي جي تعاون سان ڪيو پيو وڃي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر طارق رفيع چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو دورو ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ڇو ته هي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻين عظيم اڳواڻن جو مادر علمي آهي. عالمي ڪانفرنس جي انعقاد تي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي کي ساراهيندي سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين چيو ته ايس ايم آءِ يو جي وائيس چانسلر جو هن ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي پٺيان اهم ڪردار آهي ۽ سنڌ ايڇ اي سي سدائين ايس ايم آءِ يو جي ترقي ۽ ان جي سرگرمين ۾ تعاون ڪندو رهي آهي. ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين چيو ته اسان کي پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ ريسرچ ڪلچر کي فروغ ڏيڻو آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي زندگي کي تمام گهڻو تيزي سان بدلائي ڇڏيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مستقبل انفارميشن ٽيڪنالاجي جو آهي خاص طور تي مصنوعي ذهانت جو آهي. اهڙي طرح اسان کي پنهنجي شاگردن، استادن ۽ ٻين ملازمن کي ان سان ليس ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ تبديلي گذريل 30 سالن کان ٿي رهي آهي، ان لاءِ نوجوان نسل کي ان کان واقف هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته تازو ڀارتي جارحيت دوران اسان ان ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڏٺو ۽ پاڪستان ثابت ڪيو ته هو دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي فني صلاحيت رکي ٿو. سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين چيو ته اها ڪا روايتي جنگ نه هئي پر هي هڪ سائبر وار هئي، ڪو به ادارو پنهنجي جاءِ تان نه چُريو، هر ڪو پنهنجي حدن ۾ رهيو پر ٽيڪنالاجي هئي جنهن ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اسان تبديلي کي نه ٿا روڪي سگهون، ان لاءِ اهو شاگردن، استادن ۽ وائيس چانسلر جي پڻ چئلينجنگ دور آهي. سندس چوڻ هو ته تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏئي پاڪستان کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي. هن سنڌ ۾ اعليٰ تعليم کي سپورٽ ڪرڻ ۽ ٻين صوبن جي اعليٰ تعليم جي لاءِ مخصوص ڪيل بجيٽ کان وڌيڪ بجيٽ فراهم ڪرڻ تي سنڌ حڪومت کي ساراهيو. ان سلسلي ۾ هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته هو سنڌ جي يونيورسٽين جي اعليٰ تعليم ۽ حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻو خواهشمند آهي.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي سنڌ ايڇ اي جي چيئرمين، قومي ۽ عالمي ريسرچ اسڪالرز ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته گذريل ٽن سالن دوران ايس ايم آءِ يو 12 عالمي ڪانفرنسون منعقد ڪيون آهن ۽ ان جو ڪريڊٽ ايس ايم آءِ يو جي ڊينز، فيڪلٽي ۽ ٻئي عملي ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته جيتوڻيڪ سنڌ مدرسته الاسلام جي عمر 140 سال آهي پر ايس ايم آءِ يونيورسٽي رڳو 13 سال پراڻي آهي ان جي باوجود هن تحقيق تي ڌيان ڏنو آهي ۽ هن وقت 10 ريسرچ جرنلز شايع ڪري رهي آهي. مصنوعي ذهانت تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر چيو ته مصنوعي ذهانت خاص طور تي نوجوان نسل جي لاءِ موقعن جي مقابلي ۾ تمام گهڻا چئلينجز کڻي آئي آهي. ان لاءِ اسان کي ان چئلينجز کي سمجهڻو پوندو ۽ ان جي موجب عمل ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي سگهون. سندس خيال هو ته مصنوعي ذهانت واقعي اسان جي لاءِ چئلينجنگ آهي. هي اهو وقت آهي جڏهن آءِ ٽي ڪميونٽي، آءِ ٽي متحققين، اي آءِ انجنيئرز، اي آءِ پروگرامرز ۽ سافٽ ويئر جي ماهرن کي ان نئين رجحان طرف ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت کان اڳ اسان آءِ ٽي تي ڀروسو ڪري رهيا هئاسين ۽ ان مان حل ڳولي رهيا هئاسين، پر هاڻي اي آءِ ڪيترائي فائدا کڻي آئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪيترائي چئلينجز به آندا آهن، پر چئلينجز فائدن کان وڌيڪ آهن. هن چيو ته انهن ڪانفرنسن سان ٽيڪنالاجي جي نئين حقيقتن ۽ معاشري تي ان جي اثرن کي سمجهڻ ۾ فائدو ٿيندو. هن چيو ته اسان کي شاهه لطيف ۽ مرزا غالب کي به مصنوعي ذهانت جي ذريعي سمجهڻو آهي. ڊاڪٽر طارق رحيم سومرو، ريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف بزنس مئنيجمينٽ چيو ته مصنوعي ذهانت جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ عالمي معاهدن جي مدد ڪرڻ گهرجي خاص طور تي يونيسڪو يا يو اين اي آءِ انيشي ايٽو جي ذريعي ان جو تدارڪ ڪرڻ گهُرجي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جي ترقي ۽ مقرري جي نگراني جي لاءِ اندروني نگراني جا ادارا قائم ڪيا وڃن. ان کانسواءِ اي آءِ جو استعمال انهن علائقن ۾ محدود هجڻ گهرجي جيڪي سياسي مهمن يا حساس رپورٽنگ وارا آهن. جڏهن ڪانفرنس ۾ پروفيسر معظم علي خان خٽڪ، ڊائريڪٽر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۽ ڊاڪٽر طارق محمود، آءِ بي اي ڪراچي خطاب ڪيو ۽ ڪينيڊين اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر مارٽن مائر آن لائين شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ آجياڻي وارو خطاب ڪيو. اسسٽنٽ پروفيسر منصور ٻرڙو ۽ ليڪچرار بختاور دائودپوٽا ڪانفرنس جي ڪارروائي هلائي.