اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، وزيراعظم سان دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ گڏ آهن. ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۽ خضدار جي تازي واقعي جي ڏس ۾ بريفنگ ۾ شرڪت ڪندو.